عـاشـق عـارباڻـي

عـاشـق عـارباڻـي

عـاشـق عـارباڻـي

عـاشـق عـارباڻـي: شـاعـر، ڊرامـانويـس، اداڪار، صداڪار ۽ مصور، پروفيسر عاشق عارباڻيءَ، 17 اپريل 1943ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق غريب گهراڻي سان آهي. پاڻ ڏهن سالن جو ٿيو ته والد وفات ڪري ويو. جنهن کانپوءِ والده ۽ وڏي ڀاءُ جي هٿ هيٺ پرورش ٿيس. شروع ۾ مال چاريندو هو، جنهن بعد پڙهڻ ويٺو. پرائمري تعليم غريب آباد پرائمري اسڪول دادوءَ مان حاصل ڪيائين.
سيڪنڊري تعليم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان، اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪيائين. 1973ع ڌاري پي. ٽي. وي تي ڪئمرامين جي حيثيت سان نوڪري ڪرڻ لڳو. جتي کيس ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن بعد اداڪاري ۽ ڊراما نويسيءَ ڏانهن لاڙو ٿيس. ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي اٿس ۽ ڳايو به اٿس. سريلي آواز سبب ڊرامن ۾ ڳائڻ کي گهڻو پسند ڪيو ويو. نئين ٽهي، رس چس، چهچٽو، کٽڻهار سميت ڪيترن ئي اردو ڊرامن ۾ به ڪردار ادا ڪيائين، جيڪي ڊراما پي ٽي وي تان نشر ٿيا. ‘تماشو’ ۽ ‘چهچٽو’ سميت ٻيا ڪيترائي مزاحيه ڊراما لکيائين، جيڪي گهڻو مقبول ٿيا. سندس آواز ۾ هڪ ڪلام ‘هاءِ زمانا’ تمام گهڻو مشهور ٿيو. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽ شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي ترقي ڪندي پروفيسر جي حيثيت سان 2003ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڪجهه عرصو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ م به خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ شاعري ڪئي اٿس. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ‘پيچرا ۽ پنڌ’ (2017ع)، ‘چشم نم’ (اردو: 2017ع)، ‘گهايل’ (اردو: 2017ع) ڇپجي چڪا آهن. هن وقت سفرنامي تي ڪتاب ‘مون کي ياد ٿو پوي’ لکي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪيل فوٽوگرافيءَ جا نمونا ‘هسٽري اينڊ هيريٽيج’ ميوزيم لنڊن ۾ رکيل آهن.
عاشق عارباڻي روس، چين، هانگ ڪانگ، ٿائيلينڊ، يورپ، جرمني، فرانس، انگلنڊ، ايران، سنگاپور، سريلنڪا ۽ شام سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پنهنجي خرچ تي سياحت ڪري چڪو آهي. 2016ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ڏنو ويو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي، ڄام شوري ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.04.17  عيسوي

پروفيسر عاشق عارباڻيءَ، 17 اپريل 1943ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي سعدالله سپاهي ابڙو
رفيعه ملاح
چيتن ديوڪي ورما يمراج
ميان قائم الدين فقير شر
ڇَتو فقير سانگي
اويڙ پلي
مراد علي ڪاظم شيخ
چانڊيو عاشق
احمد بخش بدوي
راشدي نجي الله شاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون